افغانستان کي انساني بنيادن تي امداد فراهم ڪري رهيا آهيون، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشيءَ جي قطر جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني جي گڏيل پريس ڪانفرنس

image
APP46-090921 ISLAMABAD: September 09-Foreign Minister Makhdoom Shah Mahmood Qureshi and Deputy Prime Minister and Minister of Foreign Affairs of the State of Qatar H.E Sheikh Mohammed Bin Abdulrahman held a joint press stakeout at Ministry of Foreign Affairs.APP

اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان کي انساني بنيادن تي امداد فراهم ڪري رهيا آهيون. افغانستان ۾ انساني بحران کي مُنهن ڏيڻ لاءِ جيڪڏهن اوهان افغانستان جي فوري مالي معاونت جي فراهميءَ لاءِ تيار نه آهيو ته گهٽ ۾ گهٽ کين ڏيوالپڻي کان بچايو وڃي. قطر جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان اسان جو اسٽريٽجڪ شراڪتدار آهي، پاڪستان سان دفاعي ۽ اقتصادي سميت تمام شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ چاهيون ٿا. وفد جي سطح تي ڳالهين کانپوءِ پرڏيهي وزارت ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته اسان جون وفد سطح تي ڳالهيون لاڀائتيون رهيون آهن. هن چيو ته افغان امن عمل ۾ قطر خاص ڪري پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. افغانستان جي حوالي سان اسان جي نڪته نظر ۾ هڪجهڙائي آهي، مون قطري پرڏيهي وزير کي 20 کان وڌيڪ پرڏيهي وزيرن سان ٿيل رابطن ۽ ڳالهين کان آگاهه ڪيو. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان اتفاق ڪيو آهي ته افغان شهرين کي تحفظ ۽ معاونت جي ضرورت آهي، جڏهن ته اسان امن مخالف ڌُرين تي ڪڙي نظر رکنداسين، اسان اتفاق ڪيو آهي ته افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ انساني الميي جو ازالو پهرين ترجيح هئڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته اسان افغانستان کي انساني بنيادن تي امداد فراهم ڪري رهيا آهيون، ان سلسلي ۾ پاڪستان اڳ ۾ ئي امدادي شيون ڪابل موڪلي چڪو آهي، جڏهن ته ايندڙ ڏينهن ۾ پڻ زميني رستن ذريعي وڌيڪ امداد ڪابل موڪلي ويندي. شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ انساني بحران کي مُنهن ڏيڻ لاءِ جيڪڏهن اوهان افغانستان جي فوري مالي معاونت جي فراهميءَ لاءِ تيار نه آهيو ته گهٽ ۾ گهٽ کين ڏيوالپڻي کان بچايو وڃي ۽ انهن جا اثاثا رليز ڪيا وڃن. هن چيو ته اسان پاڪستان ۽ قطر وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن جي مڪينزم کي وڌيڪ فعال بڻائڻ تي اتفاق ڪيو آهي، اسان جاگرافيائي لحاظ کان هڪٻئي جي ويجهو هئڻ جي ناتي فوڊ سيڪيورٽي جي شعبن ۾ سهڪار وڌائي سگهون ٿا. مون کي اهو ٻُڌائيندي خوشي ٿي رهي آهي ته قطر سماجي ۽ اقتصادي شعبي ۾ وڌيڪ پاڪستانين جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته مون قطري پرڏيهي وزير کي گذارش ڪئي آهي ته قطر ويندڙ پاڪستاني جن جي ويڪسين ٿي چڪي آهي انهن کي گهرن ۾ قرنطينه جي سهولت فراهم ڪئي وڃي. قطر جي نائب وزيراعظم چيو ته قطر ۽ پاڪستان وچ ۾ خوشگوار ۽ ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن. پاڪستان اسان جو اسٽريٽجڪ ڀائيوار آهي، اسان پاڪستان سان دفاعي ۽ اقتصادي سميت سمورن شعبن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. هن چيو ته اسان افغانستان ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي چاهيون ٿا. افغان امن عمل ۾ پاڪستان جي مخلصاڻي ڪوششن کي ساراهيون ٿا. هن چيو ته ڪنهن به انساني الميي کان بچڻ لاءِ اسان کي افغان عوام جي مدد لاءِ اڳتي وڌڻو پوندو.

مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے