اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي پيپلزپارٽي ڪرپشن جي لاءِ استعمال ڪيو، انهي ڪري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ڪرپشن جي علامت بڻيو، پيپلزپارٽي جي حڪومتي دور ۾ 8 لک 50 هزار غير مستحق ماڻهن کي شامل ڪيو، موجوده حڪومت ٽيڪنا??اج?? جي ذريعي جانچ پڙتال کانپوءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي فهرست مان 0.85 ملين غير مستحق ماڻهن کي ڪڍيو، ان ۾ گريڊ 17 کان 21 جا آفيسر به شامل هئا. مملڪتي وزير فرخ حبيب بلاول زردا??ي جي بيان تي رد عمل ۾ چيو ته بلاول صاحب، جيڪڏهن ڪوڙ ڳالهائي ڳالهائي ٿڪجي و??و ته هڪ منٽ جي لاءِ سچ ٻڌي وٺو، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو نالو اهو آهي، ان ۾ ڪا به تبديلي ناهي ڪئي وئي.