لاهور – 06 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته حڪومتي قدمن سان پاڪستان ۾ زرعي انقلاب ايندو، سياحت جي شعبي ۾ اسان پنهنجي درآمدات کان وڌيڪ پرڏيهي ناڻو حاصل ڪري سگهون ٿا، تعميرات جي شعبي سان 30 صنعتون واڳيل آهن، ان شعبي تي ڌيان ڏئي بيروز??ار?? ۾ گهٽتائي ۽ ملڪي دولت ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿ??، گهٽ لاڳت هائوسنگ منصوبو شروعات آهي ان سان ڪچي آب??دين جو ڦهلاءُ گهٽ ٿيندو، ڪچي آب??دين کي ترڪ ماڊل تحت تبديل ڪرڻ جو منصوبو آڻي رهيا آهيون، قوم کي تاڪيد آهي ته اها ماسڪ پائي، رڳو ماسڪ سان ئي ڪورونا تي ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿ??. هو رائيونڊ ۾ پنجاب پيري اربن گهٽ لاڳت هائوسنگ اسڪيم منصوبو شروع ڪرڻ جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو.