اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اٽي، کنڊ جهڙين بنيادي شين جي مناسب قيمت تي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، مستحق ۽ غريب ماڻهن کي سڌوسنئون سبسڊي ڏيڻ جي لاءِ پروگرام جوڙيو پيو وڃي، ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته اٽي جهڙي بنيادي خوراڪ جي قيمتن ۾ اضافو نه ٿئي، ڪڻڪ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي ح??الي سان ماضي مان سبق سکندي اڳواٽ ان??ظا??ن کي يقيني بڻايو وڃي، کاڄرو تيل، پيٽروليم مصنوعات ۽ ٻين شين تي لاڳو هر ٽيڪس جو جائزو ورتو وڃي ته جيئن جيستائين ممڪن ٿي سگهي ٽيڪسن جي بار ۾ گهٽتائي آڻي عوام کي ريليف ڏنو وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ضرورت جي شين جي قيمتن جي ح??الي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن مخدوم خسرو بختيار، ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، مح??د حماد اظهر، سيد فخر امام، اسد عمر، صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، خاص معاونين نديم بابر، ڊاڪٽر وقار مسعود، تابش گوهر، پنجاب جي خوراڪ واري وزير عبدالعليم خان ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي جڏهن ته پنجاب جي ناڻي واري وزير مخدوم هاشم جوان بخت ۽ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ملڪ ۾ ڪڻڪ جي پيداوار، کپت ۽ ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي ح??الي سان حڪمت عملي ۽ ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن کي ضابطي ۾ رکڻ جي ح??الي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. صنعت واري وفاقي وزير مح??د حماد اظهر ملڪ ۾ کنڊ جي پيداوار ۽ قيمتن جي ح??الي سان وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. وزيراعظم جي هدايتن موجب کاڄرو تيل، پيٽروليم مصنوعات ۽ گئس جي قيمتن ۾ ممڪن حد تائين گهٽتائي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مختلف تجويزن تي پڻ غور ڪيو ويو. چيف سيڪريٽرين صوبن ۾ ڪڻڪ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ خاص طور تي رمضان مهيني ۾ عوام کي رمضان بازارن ۽ ٻين ان??ظا??ن ذريعي سستي اٽي جي فراهمي جي ح??الي سان ان??ظا??ن بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اٽي، کنڊ جهڙين بنيادي شين جي مناسب قيمت تي فراهمي کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته بنيادي ضرورت جي شين جي ڏس ۾ مستحق ۽ غريب ماڻهن کي سڌوسنئون سبسڊي ڏيڻ جي ح??الي سان پروگرام جوڙيو پيو وڃي جنهن سان نه رڳو حڪومت پاران فراهم ڪيل سبسڊي سڌوسنئون مستحق ماڻهن کي ملندي پر سبسڊي جي نظام کي شفاف ۽ موثر بڻائي سگهبو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته اٽي جهڙي بنيادي خوراڪ جي قيمتن ۾ اضافو نه ٿئي. ڪڻڪ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي ح??الي سان ماضي مان سبق سکندي اڳواٽ ان??ظا??ن کي يقيني بڻايو وڃي.