گلگت – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پي ڊي ايم جا اڳواڻ پنهنجي چوري بچائڻ جي لا??ِ جلسا ڪري رهيا آهن، اهي چوري جو پئسو بچائڻ جي لا??ِ ڪڏهن جيلن ۾ وڃن ٿا ۽ ڪڏهن ٻاهرئين ملڪ ڀڄي وڃن ٿا، انهن جي اولاد?? کي به ڪوڙ مٿان ڪوڙ ڳالهائڻو پئجي رهيو آهي، عوامي نمائندا پئسو ڪمائڻ بدران عوام جي خدمت کي پنهنجو مقصد بڻائين ۽ گلگت بلتستان جي عوام جون زندگيون بدلائڻ جي لا??ِ پنهنجون ڪوششون ۽ صلا??يت??ن استعمال ۾ آڻين ۽ گورننس جو اعليٰ معيار قائم ڪن، صحت ڪارڊ ۽ احساس پروگرام جو دائرو گلگت بلتستان تائين وڌايو ويندو، سياحت جي فروغ جي لا??ِ سستا قرض ڏنا ويندا، هائيڊرو اليڪٽرڪ سان خصوصي اقتصادي زون بڻائينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلگت بلتستان جي نئين چونڊيل ڪابينا جي حلف برادري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.