اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪو??ونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪو??ونا جي 1376 مريضن ج?? ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 30 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جنهن مان 28 متاثر مريض اسپتالن ۾ ۽ 2 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 35 هزار 745 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 11 هزار 530، پنجاب ۾ 14 هزار 109، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 219، اسلام آباد ۾ 5 هزار 740 ، بلوچستان ۾ 161 ، گلگت بلتستان ۾ 410، آزاد ڪشمير ۾ 576 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو ت??دا?? 3 لک 17 هزار 86 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽر?? تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 870 وينٽيليٽر?? تي ڪووڊ 19 جا 130 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو ت??دا?? 16 هزار 242 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪو??ونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو ت??دا?? 3 لک 40 هزار 251 آهي.