اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ه??ئوسنگ، تعميرات ۽ ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو هفتيوار اجلاس هتي منعقد ٿيو، اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، خاص مددگار ملڪ امين اسلم، ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ ??و گورنر، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ ??ريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، سي ڊي اي چيئرمين وزيراعظم کي وفاقي گادي واري ??هر ۾ تعميرات جي شعبي ۾ ڏنل مراعتن، ڪمرشل، رهائشي تعميرات جي حوالي سان هيستائين ڏنل منظورين، ويجهي مستقبل ۾ شروع ٿيند?? منصوبن، پارڪ انڪليو ٿري منصوبي ۽ بليو ايريا ۾ ڪمرشل پلاٽس جي نيلامي ۾ اڳڀرائي ۽ سي ڊي اي جي مڪمل آٽوميشن تي بريفنگ ڏني.