اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??ڪو??ت عوام کي صحت جي بهترين سهولتن جي فراهمي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، خيبرپختونخوا جي هر خاندان کي صحت انصاف ڪارڊ جي ذريعي 10 لک روپين تائين مفت علاج جي سهولت ميسر هوندي، مالي مشڪلاتن جي باوجود ??يبرپختونخوا جي هر خاندان کي مفت علاج جي دستيابي انقلابي قدم آهي، اوقاف جي ز??ين تي اسپتال ۽ تعليمي اد??را قائم ڪرڻ جي لاءِ سستي قيمت تي ز??ين فراهم ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپختونخوا ۾ هر خاندان کي صحت انصاف ڪارڊ جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.