اسلام آباد – 20 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پاڪستان تحريڪ انصاف جي مذهبي معاملن واري مرڪزي سيڪريٽري پير سيد حبيب عرفاني ۽ عالم سڳورن ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙ عالم سڳورن ۾ پير سيد اسرارالحق نظامي، ??ير توصيف الاهي مجددي، علامه عظمت حسين شاهه ۽ علامه محمد اصغر شام?? هئا. ملاقات ۾ ڪورونا وائرس جي وبا جي ڏس ۾ موجوده حالتن ۾ عالم سڳورن ??و ڪردار خاص طور تي عوام ۾ حفاظتي تدبيرن ??ي فروغ ۾ عالم سڳورن ??ي ڪردار جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ مسجدن، درگاهن ۽ خانقاهن جي معاملن جي بهتر انتظام جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.