اسلام آباد – 21 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورنا وائرس سا?? پيدا ٿيندڙ صورتحال جي ??س ۾ اسان جو چئلينج ترقي يافته ملڪن کان وڏو آهي، اسان کي پنهنجي ??اڻهن کي وبا سا?? گڏوگڏ غربت ۽ بک کان به بچائڻو آهي، قوم ڪورونا کي شڪست ڏي?? جي لاءِ متحد ٿي وڙهي، عوام رمضان المبارڪ ۾ مسجدن ۾ وڃڻ لاءِ 20 نقاطي گائيڊ لائينز تي عملدرآمد کي يقيني بڻائيندي، ڪنهن به علائقي ۾ ڪورونا جي ??کڙجڻ جو خدشو هجڻ تي فيصلي تي نظرثاني ڪئي ويندي. ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال ۽ ان کي منهن ڏي?? جي لاءِ حڪومتي قدمن بابت ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ڪورونا جو چئلينج ڪيتري دير تائين رهندو ان بابت ڪو به اندازو نه ٿو هڻي سگهجي، ان لاءِ هاڻي مختلف ملڪ لاڪ ڊائون ۾ نرمي جو طريقو اختيار ڪري رهيا آهن.