شهباز شريف 25 ارب رپين جي ڪرپشن جو جواب ڏيڻ بدران مسلسل ڪوڙ ڳالهائيندو رهيو، جيڪا دولت انهن ڦري اهو اسان جو ذاتي نه پاڪستان جي عوام جو پئسو آهي: چوڌري فواد حسين

image

اسلام آباد – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته شهباز شريف 25 ارب رپين جي ڪرپشن جو جواب ڏيڻ بدران مسلسل ڪوڙ ڳالهائيندو رهيو، جيڪا دولت انهن ڦري اهو اسان جو ذاتي نه پاڪستان جي عوام جو پئسو آهي، ڪوڙ ڳالهائڻ شريف فيملي جو شيوو بڻجي چڪو آهي، ٻه ڏينهن اڳ به جعلي خبرون هلايون ويون، لنڊن ۾ سلمان شهباز جي خلاف ڪيس حڪومت پاران نه موڪليو ويو، ان ڪيس ۾ جاچ برطانيا جي نيشنل ڪرائم ايجنسي پنهنجي طور تي ڪئي، فيڪ نيوز هلائيندڙن جا چهرا سڀ چڱي ريت ڄاڻين ٿا، شهباز شريف جي خلاف پاڪستان ۾ ٻه ڪيس آهن، نيب لاهور 7 ارب 32 ڪروڙ رپين جو هڪ ڪيس داخل ڪيو جڏهن ته ٻيو ڪيس 25 ارب رپين جي ڪرپشن جو آهي، العربيه ۽ رمضان شگر ملز جي ذريعي 25 ارب رپين جي مني لانڊرنگ ڪئي وئي، اسان جو مطالبو آهي ته انهن ڪيسن جي ٻڌڻي روزاني جي بنياد تي ڪئي وڃي، اسان جو ذاتي پئسو ناهي ڦريو ويو اهو قوم جو پئسو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب پڻ موجود هو. چوڌري فواد حسين چيو ته مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ شهباز شريف اڄ ڊگهي پريس ڪانفرنس ڪئي، هڪ ڪلاڪ 10 منٽن تائين هو مسلسل ڪوڙ ڳالهائيندو رهيو، ڪوڙ ڳالهائڻ شريف فيملي جو شيوو بڻجي ويو آهي، انهن ڪڏهن سچ ڳالهه ناهي ڪئي. هن چيو ته لنڊن ۾ سلمان شهباز ۽ ذوالفقار احمد جي اڪائونٽس جي جاچ برطانيا جي نيشنل ڪرائم ايجنسي پنهنجي طور تي ڪئي، ان ۾ پاڪستان حڪومت جو ڪو عمل دخل نه آهي، اهو ڪيس نه ته پاڪستان حڪومت پاران ٺاهيو ويو آهي ۽ نه ئي ان ۾ شهباز شريف شامل آهي، ان بابت ٻه ڏينهن اڳ فيڪ نيوز هلائي وئي، ان ۾ جيڪي چهرا ملوث آهن انهن کي سڀ ڄاڻين ٿا، اها فيڪ نيوز منفي پروپئگنڊه جو حصو هئي. هن چيو ته برطانوي اداري اسان جي يونٽ سان رابطو ڪري هُنڊي ذريعي موڪليل رقم جا تفصيل گهريا هئا. هن چيو ته شهباز شريف جي خلاف پاڪستان ۾ ٻه ڪيس آهن. هڪ ڪيس نيب لاهور شهباز شريف، مسز نصرت شهباز، حمزه شهباز ۽ سلمان شهباز جي خلاف داخل ڪيو جيڪو 7 ارب 32 ڪروڙ رپين جو ريفرنس آهي جڏهن ته ٻيو ڪيس 25 ارب رپين جي ڪرپشن جو آهي جنهن ۾ شگر انڪوائري ڪميشن جي جاچ ٿي. هن چيو ته ڪابينا 23 جون 2020ع تي ايڪشن ميٽرڪ طئي ڪيا، ڪابينا معاملي جي مڪمل ڇنڊڇاڻ جو فيصلو ڪيو. هن چيو ته جڏهن ان تي جاچ شروع ٿي ته خبر پئي ته العربيه ۽ رمضان شگر ملون هڪ منظم مني لانڊرنگ نيٽ ورڪ هلائي رهيون هيون. 2008ع کان 2018ع تائين 10 سالن ۾ 57 شڪي اڪائونٽس مان 25 ارب رپين جي مني لانڊرنگ ٿي. انهن اڪائونٽس مان اڪثريت انهن شگر ملز ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جي نالن تي ٺاهيا ويا هئا. هن ٻڌايو ته 17 – 2016ع ۾ العربيه مل جي نائب قاصد ملڪ مقصود جي نالي سان ٺاهيل اڪائونٽ ۾ 3.7 ارب رپيا آيا، فرنيچر شاپ جي مالڪ حاجي نعيم جي نالي سان ٺاهيل اڪائونٽ ۾ 2.8 ارب رپيا آيا، اهو اڪائونٽ 2008ع ۽ 2010ع جي وچ ۾ هلندو رهيو. مشتاق چيني والا جي ڊرائيور محمد وارث جي نالي تي وارث انٽراپرائز ڪمپني ٺاهي وئي، ان جي اڪائونٽ ۾ 2.5 ارب رپيا آيا، اهڙي طرح مل ۾ ڪم ڪندڙ نائب قاصد محمد اسلم جي اڪائونٽ ۾ 1.75 ارب رپيا، اظهر عباس جي اڪائونٽ ۾ 1.67 ارب رپيا، رمضان شگر ملز جي ڪلرڪ غلام شبير ۽ خضر حيات جي اڪائونٽ ۾ ترتيبوار 1.57 ارب رپيا ۽ 1.42 ارب رپيا، قيصر عباس نالي شخص جي اڪائونٽ ۾ 1.37 ارب رپيا، رمضا شگر ملز جي نائب قاصد گلزار خان جي اڪائونٽ ۾ 28 ارب رپيا، سيد محمد اڪبر جي اڪائونٽ ۾ 1.25 ارب رپين جي رقم آئي. اهي اڪائونٽ وحدت روڊ لاهور ۾ مشتاق چيني والا جي آفيس مان ٺاهيا ويا جنهن ۾ شڪي آءِ ڊي استعمال ڪئي وئي. ان کانسواءِ اقرار حسين جي اڪائونٽ ۾ 1.18 ارب رپيا، انوار جي اڪائونٽ ۾ 880 ملين رپيا، رمضان شگر ملز جي ڪلرڪ محمد ياسين جي اڪائونٽ ۾ 715 ملين رپيا، محمد مشتاق چيني والا جي اڪائونٽ ۾ 555 ملين رپيا، رمضان شگر ملز جي سيلز مئنيجر فقيرالدين جي اڪائونٽ ۾ 56 ڪروڙ رپيا، رمضان شگر مل جي اڪائونٽنٽ ظفر اقبال انجم جي اڪائونٽ ۾ 52 ارب رپيا، رمضان شگر ملز جي ئي ملازم تنويرالحق جي اڪائونٽ ۾ 52 ڪروڙ رپيا، انهي مل جي ڪلرڪ ڪاشف مجيد جي اڪائونٽ ۾ 461 ملين رپيا ۽ مسعود انور جي اڪائونٽ ۾ 230 ملين رپين جي رقم آئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اها ڊگهي لسٽ آهي، انهن 10 سالن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان جو ازالو اسان اڄ ڀوڳي رهيا آهيون، اڄ انهي ڪرپشن جي ڪري ڊالر جي قيمت ۾ به اضافو ٿيو. هن چيو ته اهي سموريون ٽرانزيڪشنز بئنڪن مان ٿيون آهن، اهي دستاويزي ثبوت آهن. هن چيو ته 7 ارب 32 ڪروڙ رپين جي نيب ريفرنس ۾ شهباز شريف ان وارڊ ٽي ٽيز ڪيون، نصرت شهباز جي اڪائونٽ ۾ 26 شڪي ٽي ٽيز آيون، جيڪي 1.9 ملين ڊالر هيون. اهڙي طرح حمزه شهباز جي اڪائونٽ ۾ 181 ملين رپين جون 23 جعلي ٽي ٽيز ۽ 2.98 ملين ڊالر آيا. سلمان شهباز جي اڪائونٽ ۾ 18 ملين ڊالر ماليت جون 22 جعلي ٽي ٽيز آيون. هن ٻڌايو ته برطانيا ۽ يو اي اي مان جن ماڻهن جي نالن سان اهي ٽي ٽيز آيون انهن ۾ پنڊ دادن خان ۾ پاپڙ وڪرو ڪندڙ شخص منظور احمد، يو اي اي ۾ هڪ دڪان تي سيلز مين رميز شاهد، پتوڪي جي ذيشان جاويد، گوجرانوالا ۾ اسڪريپ ڊيلر اظهر مغل، فيصل آباد ۾ سيلز مين راڻا ظهير، حيدرآباد ۾ سيلز مين عدنان انور شامل آهن. اهي سموريون ٽي ٽيز سلمان شهباز، حمزه شهباز، نصرت شهباز ۽ شهباز شريف جي نالي تي آيون. هن ٻڌايو ته مسز رابعه عمران 0.75 ملين ڊالر جي 10 شڪي ٽي ٽيز وصول ڪيون جڏهن ته جويريه علي 0.28 ملين آمريڪي ڊالر جون ٽي ٽيز وصول ڪيون. چوڌري فواد حسين چيو ته شهباز شريف کي پنهنجي پريس ڪانفرنس دوران انهن شڪي اڪائونٽس سان ٿيندڙ شڪي ٽي ٽيز جو جواب ڏيڻ گهرجي ها. هن چيو ته انهن ماڻهن عوام جو پئسو ڦريو آهي، اهو پئسو عمران خان جو ۽ اسان جو ذاتي نه آهي، اهو پاڪستان جي عوام جو پئسو آهي، اسان جڏهن به احتساب جي ڳالهه ڪريون ٿا ته اسان ان پئسي کي پاڪستان جي ماڻهن جي حوالي ڪرڻ جي ڳالهه ڪريون ٿا، هي اهم پراسيس آهي، ان ۾ رڪاوٽ اها ئي آهي ته ان ۾ ڪيس روزاني جي بنياد تي ناهن هلي رهيا. هن چيو ته اڄ شهباز شريف پريس ڪانفرنس ان لاءِ ڪري رهيو آهي ته سندس ڪيسز تي روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي نه ٿي رهي آهي. اسان جو عدالتن کان مطالبو آهي ته انهن ڪيسن جي روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي ٿيڻ گهرجي. چوڌري فواد حسين چيو ته شهباز شريف چئي رهيو آهي ته برطانيا ۾ حمزه شريف بري ٿئي ٿو ته ان کي ان جي بريت سمجهيو وڃي پر هتي عدالتن ۾ هو پنهنجي ٻارن جي ڪيسن کان لاتعلقي جو اظهار ڪري ڇڏي ٿو. هن چيو ته اهي سموريون شڪي ٽي ٽيز شهباز شريف جي وزارت اعليٰ جي دوران ممڪن ٿيون ڇو ته هو ملڪ جي سڀ کان وڏي صوبي جو وڏو وزير هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته شهباز شريف پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ نيب پنجاب جي ڊائريڪٽر جنرل سليم شهزاد جي برطانيا جي دوري جو بار بار ذڪر ڪيو. هن چيو ته ان جو دورو هڪ ڪورس ۾ شرڪت جي لاءِ هو، برطانوي حڪومت پاڪستان ۾ نيب ۽ ايف آءِ اي آفيسرن کي ان ڪورس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني هئي. اهو ڪورس آمريڪا، برطانيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ وائيٽ ڪالر ڪرائم پارٽنرشپ جو حصو هو. سليم شهزاد اڪيلو نه ويو، باقي دنيا جا ماڻهو به ان ۾ شرڪت جي لاءِ ويا. هن ٻڌايو ته سليم شهزاد سان گڏ ايڊيشنل ڊائريڪٽر نيب مدثر حسن، شهزاد سليم، عمر دراز رنڌاوا، سيد فريد علي، ثمينه چنگي، مجاهد اڪبر، افتخار الحسن شاهه، فيض احمد فيض (ايف بي آر)، عاصم چاند به ويا. هو برطانيا ان ڪيس جي لاءِ ڪڏهن به نه ويو. ان کان اڳ پريس ڪانفرنس جي شروعات ۾ هن ٻڌايو ته اڄ وزيراعظم کي ٻه اهم پريزنتيشنز ڏنيون ويون، اسان گڏيل اجلاس ۾ چونڊ سڌارا پيش ڪنداسين، گڏيل اجلاس مان منظوري کانپوءِ سڌارا حتمي ٿي ويندا، اسان هڪ سال کان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته مخالف ڌر سان ڳالهه ٻولهه ٿئي ۽ اسان انهن سڌارن تي اڳتي وڌي سگهون، اسان جي ڪوشش اڃا به جاري رهندي. هن چيو ته وقت جي گهٽتائي جي ڏس ۾ اسان گڏيل اجلاس طلب ڪري رهيا آهيون ته جيئن چونڊ سڌارن تي ٺوس قانونسازي ٿي سگهي. هن ٻڌايو ته ناڻي واري وزير شوڪت ترين کي سينيٽ جو ميمبر بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پارلياماني معاملن واري وزارت ۽ قانون واري وزارت تفصيل طئي ڪري رهي آهي، جيڪو به فيصلو ٿيندو، ان بابت آگاهه ڪنداسين.

مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج