اسلام آباد – 31 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته سياسي بدمعاشن کي ملڪ جي تشخص کي بري طرح مجروح ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ نه ئي ان حوالي سان ڪنهن نرمي جو مظاهرو ڪيو ويندو، هي اه?? ماڻهو آهن جن سياست کي ذاتي مفادن جو محور بڻائي ڇڏيو ??هي?? هاڻي ذاتي مفادن بدران ??ومي مفادن تي سياست ٿيندي، پي ڊي ايم جي ليڊرن جو بيانيو ملڪ جي مفاد ۾ نه ??هي?? ڀارت پاڪستان تي حملو ڪيو ته نه رڳو ان کي شڪست ڏني پر ان جو ثبوت اڀي نندن جي شڪل ۾ پوري دنيا آڏو پيش ڪيو. پريس ڪانفرنس ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته جڏهن ڪنهن ملڪ کي عدم استحڪام جو شڪار ڪيو وڃي ٿو ته ان ??لڪ جي معيشت، پرڏيهي لاڳاپن، پاليسي ۽ دفاع کي ڪمزور بڻايو وڃي ٿو ۽ عوام ۾ نااميدي پکيڙي وڃي ٿي، موجوده حڪومت جڏهن ذميواريون سنڀاليون ته ملڪي معيشت ڏيوالپڻو ٿيڻ جي ويجهو هئي. وزيراعظم عمران خان ??اهرئين ملڪن ۾ پنهنجي ساک ۽ دوست ملڪن جي تعاون سان ??لڪ کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچائي ورتو، جيڪڏهن خدا نه ڪري اسان ڏيوالپڻو ٿي وڃون ها ته اسان جي ڪرنسي جي قدر ڪري پوي ها، وينزويلا وٽ تيل جي ذخيرن جو ڪاٿو سعودي عرب، ايران ۽ ڪئناڊا کان ??ڌيڪ آهي جڏهن ته ان جي باوجود ڪرنسي بي وقعت ٿيڻ سان ات?? ماڻهو ٺيلهن تي پئسا کڻي خريداري ڪن ٿا، وزيراعظم عمران خان ??لڪي معيشت کي مستحڪم ڪي??، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري کي 20 ارب ڊالر کان گهٽ ڪري ان کي مثبت ڪيو ويو، قرضن جي نظام کي بهتر بڻايو ويو، معيشت جي ٻين رخن تي ڪم جاري آهي.