اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پ?? پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چ??و آهي ته اولهه ۾ حضور اڪرم ﷺ جي شان ۾ گستاخي جا مذمت جوڳا واقعا ٿيا جنهن تي سڄي دنيا جي مسلمانن ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ ڏٺي وڃي ٿي، اسان کي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ لاءِ اسلام جي حقيقي پ??غام کي اجاگر ڪرڻ لاءِ حضور اڪرم جي زندگيءَ مُبارڪ ۽ قرآن پاڪ جي پ??غام کي سڄي دنيا ۾ عام ڪرڻو پوندو، سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ٻي لهر جو خطرو وڌي ره??و آهي ان لاءِ سخت احتياط ڪرڻ جي ضرورت آهي، عيد ميلاد النبي ﷺ جي سمورين تقريبن ۾ احتياطي تدبيرن کي اختيار ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عيد ميلاد النبي ﷺ جي موقعي تي قوم جي نالي پ??هنجي پ??غام ۾ ڪيو.