اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪس??ان گڏيل قدرن، امن ۽ خوشحالي ۽ ترقي جي مقصدن تي ٻڌل يورپي يونين سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، پاڪس??ان جي عالمي سطح تي ڪاربن جي ا??را?? ۾ حصيدار نه هجڻ جي باوجود ماحولياتي تبديلين جي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي، اميد آهي ته عالمي برادري بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلي ۾ موثر شرڪت جي ذريعي ٻوڏ سان پيدا ٿيندڙ صورتحال جي منفي اثرن کي منهن ڏيڻ جون ڪوششون تيز ڪندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪرائسز مئنيجمينٽ ??اب?? يورپي ڪمشنر جينز لينار ڪيچ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم پاڪس??ان ۾ موسمياتي تبديلين جي ڪري شديد ٻوڏ کانپوءِ يورپي يونين پاران امداد کي ساراهيو ۽ انهن کي ٻوڏ سان فصل، گهرن، چوپائي مال ۽ بنيادي ڍانچي کي ٿيندڙ نقصان ۽ 1600 کان وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ ??اب?? آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان جو عالمي سطح تي ڪاربن جي ا??را?? ۾ حصو نه هجڻ جي برابر آهي پر ان جي باوجود پاڪس??ان موسمياتي تبديلين جي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته عالمي برادري بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلي ۾ فعال شرڪت جي ذريعي ٻوڏ جي منفي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون تيز ڪندي. وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ وزيراعظم جي فلڊ ريليف فنڊ جي قيام سميت حڪومت پاران کنيل قدمن ??و ذڪر ڪيو. فلڊ ريليف فنڊ ۾ ملڪي ۽ عالمي ذريعن سان عطيا جمع ڪرائي سگهجن ٿا. پاڪس??ان ۽ يورپي ملڪن جي اعليٰ سطح جي رابطن تي اطمينان جو اظهار ڪندي وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ٻئي ڌريون پنهنجي ٻطرفي واپاري ۽ سيڙپڪاري رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪنديون رهنديون ته جيئن 2023ع کانپوءِ به جي ايس پي پلس اسڪيم مان فائدو کڻي سگهجي.