بيجنگ -30 مئي(اي پي پي ) چين جي صدر رشي جن پنگ غزه ۾ تقريبن اٺن مهينن کان جاري جنگ کي انتهائي سنگين معاملو قرار ڏيندي چيو ته غزه جي ص??رتحال انتهائي سنگين ۽ اسان لاءِ تڪليف جو سبب آهي العربيه موجب هن پنهنجي مصري هم منصب عبدالفتاح السيسي سان بيجنگ ۾ ڳالهائيندي چيو ته فلسطين اسرائيل تڪ??ار ۾ وڏوانگ ۾ بيگناهه فلسطيني شهري شهيد ٿياآهن ۽ غزه ۾ ا??سا??ي ص??رتحال سنگين تر آهي اها ڳالهه چين لاِ تڪليف جو سبب آهي چين جي ويجهو فوري ۽ ترجيحي ڪم غزه ۾ جنگ بندي آهي ته جئين تڪ??ار جي ڦهلاءِ ۽ علاقائي امن ۽ استحڪام تي اثرن کان بچي سگهجي . ان سان وڌيڪ ا??سا??ي جانين کي روڪي سگهجي هن چيو ته چين اسرائيل تعلق سٺو آهي هن ڪيترن ئي ڏهاڪن کان وٺي فلسطين جي حمايت ڪئي آهي تڪ??ار جي ٻه رياستي حل لاءِ مهم هلائي آهي هن چيو ته چين ا??سا??ي بنيادن تي ريليف پهچائن ۾ مصر جي اهم ڪردار جي تحسين ڪري ٿو چيني صدر چيو ته غزه جي ماڻهن جي مدد جاري رکڻ لاءِ مصر سان چين ملي ڪري ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ مسئلو فلسطين جو فوري ، گڏيل ۽ منصفانه ڪوششون چاهي ٿو .