اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪي روانگي واپار جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، ڪابينا کان منظور ڪيل اي ڪامرس پاليسي ?? نيشنل ٽيرف پاليسي تي عملدرآمد جي لاءِ حڪمت عملي کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏني وڃي ته جيئن پاليسي تي عملدرآمد ٿ??ي ۽ ان ??ي ثم??ن کان ڪاروباري برادري فائدو کڻي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته روانگي واپار وڌائڻ جي ڏس ۾ هدف مقرر ڪيا وڃن ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن جي ڪردار جو تعين ??يو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪامرس ڊويزن جي ڪارڪردگي جي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.