اسلا?? آباد– 19 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين خنجراب بارڊر کي ٻن مرحلن ۾ عارضي طور کولڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجم??ن ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ خنجراب بارڊر ٻن ڏينه?? جي لاءِ 19 ۽ 20 جنوري تي ۽ ٻئي مرحلي ۾ هن سال جنوري جي آخر کان فيبروري جي شروع تائين چي?? جي بهار ج?? تهوار کانپوءِ کلندو. پاڪستان ۽ چي?? جي وچ ۾ خنجراب بارڊر هر سال سردي?? جي مهينن ۾ بند رهي ٿو. چين مقامي واپاري?? جي سهولت لاءِ سرحد کي عارضي طور ٻيهر کولڻ جي پاڪستاني درخواست تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اسان خراب موسمي حالت?? جي باوجود بارڊر آپريشنز کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ٻنهي طرف?? جي سرحدي عملدار?? جي خصوصي ڪوششن کي ساراهيون ٿا.