اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفا??ي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ جي روڪٿام لاءِ زميني حقيقتن تي ٻڌل پاليسي تي عمل ڪري رهي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر روزاني جي بنياد تي صورتحال جو جائزو وٺي فيصلو ڪري رهيو آهي، ايندڙ مهيني ڪورونا وائرس جي مريضن جي تعداد ۾ متوقع اضافي جي پيش نظ?? حڪومت طرفان ممڪنه تياري جي حو??لي سان اهن چيو ته دنيا ۾ صحت جو ڪو به نظ??م ان قسم جي وڏي بحران جو مقابلو نٿو ڪ??ي سگهي تنهن هوندي به حڪومت صورتحال کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش??ن ڪندي.