اسلام آباد – 21 –; جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان تعليم لاءِ ترقياتي بجيٽ وڌائڻ لاءِ تجويزون طلب ڪندي چيو آهي ته قوم جي تقدير بدلائڻ لاءِ جد??د علم جي تدريس نهايت اهم آهي، ان لاءِ عالمي معيار جي ادارن جو قيام به??ري?? قدم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نالج اڪانومي بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر، خاص مددگار ڊاڪٽر معيد يوسف، نالج ٽاسڪ فورس جي وائيس چيئرمين ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان وزيراعظم کي هري پور هزاره ۾ پاڪستان آسٽرين يونيورسٽي آف اپلائيڊ سائنسز اينڊ ??نج??يئرنگ جي اڍائي سالن جي رڪارڊ مدي ۾ تڪميل جي حوالي سان آگاهه ڪيو، منصوبي جي منظوري 2018ع ۾ ٿيڻ کانپوءِ ان جي تڪميل ۽ ڪلاسن جو آغاز سيپٽمبر 2020ع ۾ ٿي چڪو، يونيورسٽي 8 عالمي (3 آسٽرين، 5 چيني) يونيورسٽين سان ڳنڍيل آهي جتي مقامي شاگردن کي اعليٰ تعليمي سهولتون ۽ جد??د علم پڙهايو پيو وڃي، ان کانسواءِ ??زيراعظم کي عالمي سطح تي مستقبل ۾ نهايت اهميت رکندڙ 12 جد??د ٽيڪنالاجيز جي تعليم ۽ ترويج لاءِ حڪمت عملي تي به بريف ڪيو ويو.