و??نا – 20 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڏکڻ وزيرستان ۾ ٿري جي ۽ فور جي انٽرنيٽ سرو?? کولڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي ۾ قبائلي ضلعا سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن، نوجوانن کي روزگار جي فراهمي اولين ترجيح آهي، قبائلي ضلعن ۾ اسڪول، ٽيڪنيڪل ڪاليج ۽ يونيورسٽيون ٺاهيندا??ين?? ڏکڻ وزيرستان جي عوام جي لاءِ تعليم ۽ روزگار وڏا چئلينج آهن، عوام کي علاج جي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ ه??لٿ ڪارڊ ڏيندا??ين?? قبائلي علائقن ۾ زيتون جي پوک جو انقلاب آڻي رهيا آهيون?? احساس پروگرام تحت غريب ۽ مستحق ماڻهن کي مالي مدد فراهم ڪئي ويندي، ڀارتي حڪومت پاڪستان ۾ مسلسل انتشار پکيڙڻ جي پويان آهي، پي ٽي آءِ حڪومت جو فلسفو آهي ته پوئتي پيل طبقن ۽ پسمانده علائقن کي ترقي ڏني وڃي، وقت ثابت ڪندو ته قبائلي علائقن جي انضمام جو فيصلو بهترين فيصلو هو. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان ڪامياب جوان پروگرام تحت چيڪ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.