اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو ??هي ته ڪابل جو منهنجو دورو افغانستان ۾ امن جي حوالي سان پاڪستان جي مضبوط عزم جي اظهار طرف هڪ وڌيڪ ??دم آه??، افغانستان ۾ امن سان گڏيل رابطن ۽ واپار جا دروازا کلندا. پنهن??ي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ڪڏهن به تڪرارن جي عسڪري حل جو قائل ناهيان رهيو سدائين منهنجو ايمان رهيو ??هي ته افغانستان ۾ امن سياسي ڳالهه ٻولهه سان حاصل ٿيندو، هن چيو ته اهل افغانستان کانپوءِ ان امن ۾ سڀ کان وڏو حصو اسان جو ??هي ڇو ته ان سان گڏيل رابطن ۽ واپار جا دروزا کلندا ۽ خوشحالي افغانستان ۽ پاڪستان ٻنهي ملڪن جو رخ ڪندي