اسلام آباد – 16 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي ف??از چيو آهي ته گلگت بلتستان جي عو??م ۽ اميدوارن کي جمهوري عمل ۾ حصو وٺڻ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، مخالف ڌر جي اعليٰ سطحي قيادت هڪ مهيني کان جيڪا عو??م جي ذهنن تي س??ار هئي ۽ جي بي الي??شن کي ريفرنڊم چئي رهي هئي، گلگت بلتستان جي عو??م انهن جي ۽ نواز شريف جي بياني کي رد ڪندي ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلي ڇڏيو آهي، گلگت بلتستان جي الي??شن کي شفاف ۽ غير جانبدار بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي، آئنده چونڊ عمل کي شفاف بڻائڻ جي لاءِ جلد قانونسازي ڪنداسين، خاتم النبيين حضرت محمد مصطفيٰﷺ جي ناموس تي حملو ڪندڙ اسان جو اولين ترين دشمن آهي، وزيراعظم عمران خان ان مسئلي تي گڏيل قومن سميت مسلم ملڪن کي خط لکڻ کانسواءِ جيڪو موقف اختيار ڪيو ۽ جهڙي طرح مسلمان امت جي ترجمان ڪئي ان جو ماضي ۾ ڪٿي مثال نٿو ملي، ڪا به سياسي پارٽي اهڙي مسئلي تي احتجاج ڪندڙن کي طاقت جي ذريعي منشتر نٿي ڪري سگهي، انهن سان ڳالهين جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ڪهڙي طرح عو??مي شڪايتن کي ختم ڪرڻو آهي ۽ ان ڏس ۾ گهرو وزارت تمام جلد پڌرنامو جاري ڪندي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.