اسلام آباد – 12 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فا??ي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ??فا??ي ڪابينا چونڊ عمل ۾ شفافيت جي لاءِ سڌارا آڻڻ جي تجويزن کي ساراهيندي مختلف ادا??ن جي سربراهن جي مقرري لاءِ لاڳاپيل قاعدن ۽ ضابطن ۾ تبديلي جو فيصلو ڪيو آهي، وزيراعظم 12 وزارتن ۾ ضابطن جي خلاف مقررين جي رپورٽ جو سخت نوٽيس وٺندي ٻين وزارتن کان به هڪ هفتي اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، وزيراعظم عمران خان جي سوچ جو محور ملڪ جي غريب ۽ ڪمزور طبقن جي ڀلائي آهي، لاڪ ڊائون ۾ نرمي به انهي سوچ جي عڪاس آهي، اسان کي ماڻهن جي صحت جي حفاظت سان گڏوگڏ انهن جي معاشي تحفظ کي به يقيني بڻائڻو آهي. ??فا??ي ڪابينا جي اجلاس جي فيصلن بابت صحافين کي بريفنگ ڏيند?? هن ٻڌايو ته ڪابينا اجلاس جي ايجنڊا 7 نقاطي هئي، ڪابينا اجلاس ۾ چونڊ سڌا??ن جي لاءِ 39 تجويزون پيش ڪيون وي??ن، اهي تجويزون اعظم سواتي پارلياماني ??عاملن واري وزير جي حيثيت سان تيار ڪيون هيون.