اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته ڪا به حڪومت اڪيلي سر ڪورونا جهڙي وڏي چئلينج جو مقاب??و نه ٿي ڪري سگهي، سرندي وارن جي عطين ۽ فلاحي تنظيمن جي ڀرپور معاونت سان حڪومت سڄي ملڪ جي سمورن طبقن تائين پهچڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سيلاني ويلفيئر ٽرسٽ جي وفد سان ملاقات دوران ??يو. ملاقات ۾ غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ پناهگاهن بابت فوڪل پرسن نسيم الرحمان پڻ موجود هئا. وفد ڪورونا وائرس جي موجوده صورتحال ۾ وفاقي حڪومت خاص طور تي وزيراعظم عمران خان پاران ??مزور طبقي کي رليف ڏيڻ جي ڪوششن کي ساراهيو، وفد موجوده صورتحال جي ڏس ۾ تعميرات ۽ ٻين مختلف صنعتي سرگرمين جي اجازت ڏيڻ جي حڪومتي فيصلي کي ساراهيندي چيو ته ان سان ??اروباري طبقي جي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي ايندي.