اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ ميجر طلحيٰ منان جي گهر وئي ۽ ان جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خو??ني ڪئي. ان م??قعي تي گهرڀاتين سان ڳالهائيندي هن چيو ته شهيد اسان جي قوم جو فخر آهن، اهي حق جي راهه جا شهيد آهن، انهن ??ون قربانيون ڪڏهن به رائيگان نه وينديون. هن چيو ته پوري قوم شهيد طلحيٰ منان جهڙن جوانن کي جنم ڏيندڙ م??ئر?? ۽ عزم ۽ استقامت جي پيڪر والدين تي فخر ڪري ٿي. هن چيو ته پاڪ فوج جو هر آفيسر ۽ جوان م??ڪ جي خدمت سان سدائين سرشار رهيو آهي. شهيد طلحيٰ منان جي ملڪ ۽ قوم جي لاءِ قرب??ني کي سدائين ياد رکيو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير شهيد طلحيٰ منان جي والده سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ شهيد طلحيٰ منان کي ان جي عظيم قرب??ني تي خراج عقيدت پيش ڪيو.