اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) آذربائيجان جو ??در الهام عليوف پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهچي ويو. نور خان ايئربيس تي وزيراعظم شهباز شريف سندس شاندار استقبال ڪيو. ٻئي ??ڳواڻ ڀاڪر پائي مليا ۽ گرمجوشي سان هٿ ملايو. روايتي لباس پاتل ٻن ٻارن آذربائيجان جي ??در کي گل پيش ڪيا. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ موجود هئا. ??در الهام عليوف کي تپن جي سلامي پڻ ڏني وئي. آذربائيجان جو ??در وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي دعوت تي پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. هو دوري دوران ??در آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقاتون ??ندو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي پڻ صحيحون ??يون وينديون.