راولپنڊي -01 جولاءِ (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون دوران 7 ڪارروائين ۾ 833 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪري 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. اي اين ايف هيڊ ڪوارٽر راولپنڊي مان جاري رپورٽ مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران منشيات جي خات??ي وارين ڪارروائين دوران باچا خان انٽرنيشنل ا??ئرپورٽ تي قطر ويندڙ مسافر کان 748 گرام آئ?? هٿ ڪئي وئي. راولپنڊي ۾ ڪارگو آفيس مان آسٽريليا موڪلي ويندڙ پارسل مان 400 گرام آئ?? هٿ ڪئي وئي. ماشخيل مان 460 ڪلوگرام آفيم هٿ ڪيو ويو. پشين روڊ ڪوئٽا ويجهو 319 ڪلوگرام آفيم هٿ ڪيو ويو. ڪراچي مان ڪنٽينر جي ڳجهن خانن مان 41 ڪلوگرام آئ?? هٿ ڪئي وئي. حيدرآباد ۾ ريلوي ڦاٽڪ ويجهو موٽر سائيڪل سوار کان 7 ڪلوگرام چر?? هٿ ڪيو ويو. سيالڪوٽ ۾ سمبڙيال ويجهو جوابدار کان 4.8 ڪلوگرام چر?? هٿ ڪيو ويو. ترجمان ٻڌايو ته گرفتار جوابدار?? خلاف دهشتگردي جي خات??ي واري ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.