عمان – 11 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار غزه جي لاءِ فوري انساني امداد جي حوالي سان اعليٰ سطحي ڪانف??نس ۾ شرڪت جي لاءِ اردن جي گادي واري شهر عمان پهچي ويو. پرڏيهي آفيس موجب هوائي اڏي تي اردن جي وزارت عظميٰ جي معاملن بابت وزير ابراهي الجازي، عمان جي گورنر ياسر العدوان ۽ عمان جي ميئر الشو??رب?? نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جو استقبال ڪيو. ڪانفرنس جي ميزباني اردن، مصر ۽ گڏيل قو??ن گڏيل طور تي ڪئي آهي. ڪانف??نس دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار غزه ۾ اسرائيل جي سنگين ڏوهن جي پس منظر ۾ فلسطين جي عوام جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪندو.