آستانه – 20 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار شنگه??ئي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ قزاخستان جي شهر آستانه پهچي ويو. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير جو استقبال پرڏيهي وزارت جي ڊائريڪ??ر ??نرل نور سليم علي يرگيلم، آستانه ۾ پاڪستان جي سفير نعمان بشير ڀٽي ۽ پاڪستان جي نيشنل ڪوآرڊينيٽر (ايس سي او) سفير مرغوب سليم ڪيو. آستانه ۾ نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار قزاخستان جي پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪندو ۽ ٻطرفي تعاون جي شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. نائب وزيراعظم جي ڪرغ?? جمهوريه جي پرڏيهي وزير جين بيڪ ڪلوبايف سان آستانه ۾ پڻ ملاقات جو پڻ اهتمام ڪيو ويو آهي. ملاقات ۾ پاڪستاني شاگردن جي ڀل??ئي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ بشڪيڪ جي تازه ترين صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.