اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مارگلا په??ڙين تي لڳل باهه کي جلد اجهائڻ جي لاءِ سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئ?? آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي هدايت تي مارگلا جي په??ڙين تي لڳل باهه تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ هيليڪاپٽرز کي باهه اجهائڻ جي آپريشن ۾ شامل ڪيو ويو آهي، باهه تي جلد کان جلد ضابطو يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم چيو ته اها ڳالهه به يقيني بڻائي وڃي ته باهه سان ڪنهن انساني جان کي نقصان نه پهچي، جيتري قدر ٿي سگهي ??هن??لي جيوت جو تحفظ پڻ يقيني بڻايو وڃي.