 
          اسلام آباد– 25 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي ??زير محمد اسحاق ڊار کي برطان??ا جي پرڏيهي، دولت مشترڪه ۽ ترقياتي معاملن واري وزير لارڊ ڊيوڊ ڪيمرون ٽيليفون ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي ??زير محمد اسحاق ڊار بطور پرڏيهي ??زير مقرري تي مبارڪباد جي پيغام تي برطانوي هم منصب جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته هو ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ برطان??ا جي قيادت سان گڏجي ??م ڪرڻ جو خواهشمند آهي. پرڏيهي ??زير پاڪستان ۽ برطانيا لاڳاپن جي اهميت جو ورجاءُ ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ برطان??ا جي وچ ۾ گهڻ رخي تعاون سان گڏ پاراڻا ۽ تاريخي لاڳاپا آهن. پرڏيهي ??زير چيو ته لاڳاپن کي اڳئين سطح تي وٺي وڃڻ جي لاءِ Enhanced Strategic Partnership (ESP)معاهدو جلد ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي ??زير واپار ۽ سيڙپڪاري، عوام سان عوام جي رابطن ۽ ماحولياتي ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. پرڏيهي ??زير خاص طور تي برطانيا ۾ پاڪستانين جي وڏي انگ جي ??س ۾ پاڪستان ۽ برطان??ا جي وچ ۾ پي آءِ اي جي اڏامن کي جلد کان جلد بحال ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو جنهن سان رابطن کي وڌيڪ سگهه ملندي. ٻنهي ??زيرن افغانستان ۽ غ??ه جي صورتحال سميت اهم علائقائي معاملن تي پڻ خيالن جي ??ي وٺ ڪئي. پرڏيهي ??زير لارڊ ڪيمرون کي گڏيل طور تي مناسب تاريخن تي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.