اسلام آباد-01 مارچ (اي پي پي) قو??ي اسيمبلي جو عهدو ڇڏيندڙ اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته قو??ي اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن کي خلوص نيت سان عوام جي اجتماعي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. قو??ي اسيمبلي ۾ نئين ??سپيڪر جي چونڊ جي موقعي تي پنهنجي الوداعي خطاب ۾ هن چيو ته ايوان جو 22 هون اسپيڪر بڻجڻ هن ل??ءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. هن چيو ته نون چونڊيل ميمبرن کي ديانتداري ۽ خلوص نيت سان عوام جي اجتماعي مسئلن ۽ قوم کي درپيش مسئلن جي حل ل??ءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته باب??ءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح 11 آگسٽ تي پنهنجي تاريخي خطاب ۾ هن ايوان کي مڪمل اختيارن جو مالڪ ۽ بهترين ??دارو قرار ڏنو هو. هي اسان جي گڏيل ذميواري آهي ته اسان گڏيل تعاون ذريعي مسئلن جو حل تلاش ڪريون. هن چوڻ هو ته هي ايوان عوام جي اجتماعي شعور جو ادارو آهي، عوام جون نظرون اسان سڀني تي آهن، اسان کي پنهنجي طرز عمل سان ملڪ جي مفاد ل??ءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. هن اعتماد جو اظهار ڪرڻ تي آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، محمد نواز شريف، ميان شهباز شريف ۽ ٻين پارلياماني پارٽين ??و ٿورو مڃيو. هن نئين چونڊيل اسپيڪر کي مبارڪون ڏنيون ۽ چيو ته ٽيون ڀيرو اسپيڪر بڻجڻ سندس قائداڻي صلاحيتن تي اعتماد جو اظهار آهي. هن نئين ??سپيڪر ل??ءِ پنهنجي نيڪ تمنائن جو اظهار پڻ ڪيو.