اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي ??زي?? اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اسلام آباد، ڪراچي ۽ لاهور ايئرپورٽس جي آئوٽ سورسنگ بابت اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس ??يو جنهن ۾ منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي ??زي??، قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري ??زي?? (ٽيليفون تي) شرڪت ڪئي. هوابازي واري وزارت پاران جاري پڌرائي موجب ان کانسواءِ هوابازي واري وزارت ۽ قانون ڊويزن واري ڊويزن جي سيڪريٽريز، هوابازي، پرڏيهي معاملن واري، ناڻي واري وزارت جي سينيئر سرڪاري عملدارن ۽ ڪنٽري ڊائريڪٽر انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن (آءِ ايف سي) پڻ شرڪت ڪئي. ڪنٽري ڊائريڪٽر آءِ ايف سي هوائي اڏن جي آئوٽ سورسنگ جي منصوبي تي هيستائين ٿي??دڙ اڳڀرائي جو ذڪر ڪيو ۽ ڪميٽي کي ٻڌايو ته امڪاني سيڙپڪارن سان مسلسل رابطي جي ڪيترين ئي ڪوششن جا مثبت نتيجا بر??مد ٿيا آهن ۽ نئين سياسي حڪومت قائم ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ??يو آهي. ان مقصد تحت قطر، گڏيل عربا مارات، جرمني، ترڪيه، نيدرلينڊ، ملائيشيا ۽ مقامي ڪمپنين جي عالمي واڪ ڏيندڙن واڪ جمع ڪرائڻ جي مدي ۾ توسيع جي درخواست ڪئي آهي. پرڏيهي ??زي?? ان اهم منصوبي جا ڪامياب نتيجا حاصل ڪرڻ جي لاءِ اقتصادي سفارتڪاري ۽ تيز رفتار عمل جي ذريعي مصروف سيڙپڪارن کي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي آهي. دلچسپ?? رکندڙ واڪ ڏيندڙن جي درخواستن تي غور ڪندي ۽ آءِ ايف سي جي ڀرپور سفارش جي بنياد تي ڪميٽي واڪ جمع ڪرائڻ جي تاريخ کي 60 ڏينهن جي لاءِ وڌائي 15 مئي 2024ع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پرڏيهي ??زي?? کي يورپ ۽ بر??انيا جي لاءِ پي آءِ اي جي اڏامن جي بحالي جي حوالي سان هيستائين جي اڳڀرائي تي وڌيڪ بريفنگ ڏني وئي ۽ ان اڳڀرائي جو نوٽيس وٺندي هن اقتصادي سفارتڪاري جي نئين اختيار ڪيل حڪمت عملي ۽ بر??انيا ۽ يورپي يونين ۾ رهندڙ پاڪستانين سميت وسيع تر عوامي مفاد ۾ پرڏيهي آفيس پاران مڪمل سفارتي تعاون جي خاطري ڪرائي.