اسلام آباد – 30 – جنوري (اي پي پي) نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ سامونڊي ۽ سمنڊ کان ٻاهر تيل ۽ گئس جي ذخيرن جي ڳولا ??اء?? گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال ملڪ آهي، پيٽروليم ڪانفرنس پاڪستان جي بي پناهه معدني صلاحيت کي م??مل طور تي استعمال ڪرڻ جي گڏيل عزم جي عڪا??ي ڪري ٿي ته جيئن توانائي ۾ پاڻڀرائپ کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ ملڪ کي توانائي جي هڪ علائقائي برآمد ڪندڙ ۾ تبديل ڪري سگهجي. وز??راعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ پيٽروليم ڪانفرنس 2024ع ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير ڪانفرنس جو خاص مهمان هو. صوبائي وڏن وز??رن، توانائي واري نگران وفاقي وز??ر، پيٽروليم واري سيڪريٽري، حڪومتي نمائندن، پاليسي سازن، توانائي ۽ پيٽروليم سيڪٽر جي غيرملڪي ۽ ملڪي سيڙپڪارن ۽ عالمي نمائندن پڻ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي نگران وز??راعظم چيو ته پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال ملڪ آهي. هن سامونڊي ۽ سمنڊ کان ٻاهر تيل ۽ گئس جي ذخيرن جي ڳولا جي ??اء?? گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو. نگران وز??راعظم انفراسٽرڪچر جي ترقي، لاجسٽڪس ۽ سيڪيورٽي ۾ ڳولا ۽ پيداوار جي ڪوششن کي سگهه ڏيڻ جي ??اء?? حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نگران وز??راعظم چيو ته هي ڪانفرنس پاڪستان جي بي پناهه معدني صلاحيت کي م??مل طور تي استعمال ڪرڻ جي گڏيل عزم جي عڪا??ي ڪري ٿي ته جيئن توانائي ۾ پاڻڀرائپ کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ ملڪ کي توانائي جي هڪ علائقائي برآمد ڪندڙ ۾ تبديل ڪري سگهجي. هن خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) ۽ توانائي واري وفاقي وزارت کي قاعدن ۽ ضابطن ۽ طريقيڪار کي هموار ڪري سيڙپڪارن جي ??اء?? سازگار ماحول کي فروغ ڏيڻ کي ساراهيو. ڪويت فارن پيٽروليم ايڪسپلوريشن ڪمپني جي ڪنٽري مئنيجر علي طحيٰ التميمي پاليسي سفارشون جوڙڻ ۽ پيٽروليم جي شعبي ۾ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي ??اء?? ڌرين کي گڏ ڪرڻ ۾ پاڪستان جي حڪومت جي اڻٿڪ ڪوششن کي ساراهيو.