اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) اط??اعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪستان جي رياست جي موقف کي واضح ڪيو آهي ته ڪنهن به دهشتگرد گروهه سان ان وقت تائين ڳالهيون نه ٿينديون جيستائين اهي هٿيار نه اڇلائيندا، پرڏيهي آفيس وضاحت ڪري چڪي آهي ته مولانا فضل الرحمان جو افغانستان جو دورو غيرسرڪاري آهي، جيڪڏهن ڪو سياستدان ٻن ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي بهتر ڪرڻ ۾ تعميري ڪردار ادا ڪري ٿو ته ان جي آجيان ڪرڻ گهرجي، انتهاپسندي ۽ دهشت??رد?? جي خاتمي جي لاءِ حڪومت پرعزم آهي، نوجوان نسل کي انتهاپسندي کان بچائڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار ڪنفلڪٽ اينڊ سي??يورٽي اسٽڊيز (پي آءِ سي ايس ايس) پاران جاري ڪيل سالياني سي??يورٽي جائزه رپورٽ جي پڌرائي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڪنفلڪٽ اينڊ سي??يورٽي اسٽڊيز جو چيئرمين محمد سعد خٽڪ، انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽڊيز جو صدر نديم رضا، پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڪنفلڪٽ جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر عبدالله خان ۽ ڊائريڪٽر ريسرچ گل داد پڻ موجود هئا. اط??اعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير رپورٽ جي تياري ۾ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڪنفلڪٽ اينڊ سي??يورٽي اسٽڊيز جي محقيقن جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پيچيده سي??يورٽي چئلينجن کي سمجهڻ ۽ انهن کي منهن ڏيڻ ۾ هي رپورٽ اهم ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته پي آءِ سي ايس ايس جو ڪم پاليسي فيصلن ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته اڄ جي دور ۾ ڊيٽا تي ٻڌل رپورٽس فيصلاسازي جو بنياد آهن، پي آءِ سي ايس ايس ان سلسلي ۾ هڪ اعليٰ مثال قائم ڪيو آهي. اهڙي طرح جون رپورٽس نه رڳو اسان جي سي??يورٽي منظرنامي کي سمجهڻ ۾ مدد فراهم ڪن ٿيون پر پاليسي سازن جي لاءِ هڪ روڊ ميپ جو ڪم پڻ ڪن ٿيون. انسٽيٽيوٽ فار ڪنفلڪٽ اينڊ سي??يورٽي اسٽڊيز جي ڪاميابين جو ذڪر ڪندي اط??اعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پي آءِ سي ايس ايس ميڊيا ۽ سفارتي برادري ۾ اڳ ۾ ئي هڪ معتبر نالو آهي ۽ ان جا مختلف تحقيقاتي مطالعا معاشري جي لاءِ قابل قدر خدمتون آهن. هن چيو ته نوجوانن کي مشغول ڪرڻ جي لاءِ پي آءِ سي ايس ايس جي ملڪ گير مهم ”پاڪسانيت“ اسان جي نوجوانن کي انتهاپسنداڻي نظرين جو شڪار ٿيڻ کان بچائڻ جو هڪ بهترين طريقو آهي. هن چيو ته اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار ڪنفلڪٽ اينڊ سي??يورٽي اسٽڊيز ڊيٽا تي ٻڌل موقف جو اط??اق ڪري ٿو ۽ پاڪستان ۽ ويجهي پاڙيسري ملڪن ۾ سي??يورٽي ۽ تڪرارن بابت اڳڀرائي جو معروضي تجزيو فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته مون کي اهو ڄاڻي خوشي ٿي ته پي آءِ سي ايس ايس 2001ع کان پاڪستان ۾ رياست مخالف تشدد جي ڊيٽابيس تيار ڪئي ۽ هاڻي ان کي افغانستان سميت پوري ڏکڻ ايشيا تائين ڦهلائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته اها ڊيٽا پي آءِ سي ايس ايس جي محققين کي تحقيق ڪرڻ ۽ هفتيوار، ماهوار ۽ سالياني رپورٽس تيار ڪرڻ جي لاءِ ڪارائتي ثابت ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته حڪومتن ۽ ٿنڪ ٽينڪس جي وچ ۾ وڌيڪ مضبوط رابطي جي ضرورت آهي. هن چيو ته حڪومت ۽ پي آءِ سي ايس ايس جهڙن ادارن جي وچ ۾ تعاون حوصلي جوڳو آهي. اط??اعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پي آءِ سي ايس ايس جي سالياني سي??يورٽي جائزه رپورٽ 2023ع مڪمل تحقيق جو نتيجو آهي. اها ڊيٽا کي سمجهڻ ۾ تمام گهڻي آساني فراهم ڪري ٿي. ان رپورٽ کي پڙهي ڪو به ملڪ درپيش مسئلن تي مڪل ضابطو آڻي سگهي ٿو. هن سمورن لاڳاپيل ادارن کي رپورٽ جو مطالعو ڪرڻ جو مشورو ڏنو. اط??اعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير دهشت??رد?? کي منهن ڏيڻ جي حڪومتي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ ۾ رياست مخالف تشدد جي رجحان کي روڪڻ جي لاءِ پاليسيون ۽ حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن يقين ڏياريو ته دهشت??رد?? جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مسلسل ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته دهشت??رد?? جي مسئلي کي حل ڪرڻ کانسواءِ ڪو به ملڪ معاشي ترقي جي سفر جي ش??وع??ت نه ٿو ڪري سگهي. اط??اعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته 2023ع ۾ پاڪستان ۾ دهشت??رد?? جي واقعن ۾ 70 سي??ڙو اضافو ٿيو، اسان جي حڪومت دهشت??رد?? کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي عزم تي قائم آهي. هن چيو ته پي آءِ سي ايس ايس جي رپورٽ کي حڪمت عملين کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو. اط??اعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته مولانا فضل الرحمان جو افغانستان جو دورو غيرسرڪاري دورو آهي، ان حوالي سان پرڏيهي آفيس وضاحت ڪري چڪي آهي. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان دوري تي روانو ٿيڻ کان اڳ رياستي ادارن سان مشورو ڪيو. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو سياستدان ٻن ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي بهتري جي لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿو ته ان جي آجيان ڪرڻ گهرجي پر مولانا فضل الرحمان جو دورو مڪمل طور تي غيرسرڪاري آهي، اسان ان جي دوري جي ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشُون رکون ٿا. اط??اعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته رياست پاڪستان جو موقف واضح آهي ته دهشتگرد گروهن سان ان وقت تائين ڳالهيون نه ٿينديون جيستائين اهي هٿيار نٿا اڇلائين ۽ پاڪستان جي آئين کي تسليم نٿا ڪري وٺن.