اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ خاص طور تي والاريل فلسطيني علائقن ۾ انساني حقن جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪندي مسلمان امت کي درپيش اسلامو فوبيا جهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ خاص طور تي او آءِ سي جي ذريعي ويجهي ۽ گڏيل طور تي ڪم جاري رکڻ جي ض??ورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران و??يراعظم وچ اوڀر ۽ اتر آفريقا (مينا) خطي جي مسلمان ملڪن جي سفيرن سان مانجهاندي تي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بحرين، مصر، عراق، اردن، ڪويت، لبنان، ليبيا، مراڪش، عمان، فلسطين، سعودي عرب، شام، گڏيل عرب امارات ۽ يمن جا سفير موجود هئا. ملاقات ۾ نگران پرڏيهي وزير، نگران و??يراعظم جو سيڪريٽري ۽ پرڏيهي سيڪريٽري پڻ موجود هئا. نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستان جي مسلمان دنيا خاص طور تي مينا خطي جي ملڪن سان ڀائراڻن لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته اهي لاڳاپا گڏيل اعتماد، گڏيل افهام تفهيم، ٻطرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي معا??لن تي ويجهي تعاون تي ٻڌ?? آهن. نگران و??يراعظم ڪيترن ئي معا??لن خاص طور تي والاريل فلسطيني علائقن ۾ انساني حقن جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي پاڪستان جي موقف بابت آگاهه ڪيو. مسلمان دنيا کي درپيش ٻين چئلينجز جهڙوڪ اسلامو فوبيا تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نگران و??يراعظم مسلمان امت کي انهن مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ خاص طور تي او آءِ سي جي ذريعي ويجهي ۽ گڏيل طور تي ڪم جاري رکڻ جي ض??ورت تي زور ڏنو. نگران و??يراعظم اسلام آباد ۽ انهن جي لاڳاپيل گادي وارن شهرن جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپا قائم ڪرڻ جي ڪوششن تي سفيرن کي ساراهيو. سفيرن نگران و??يراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان سان ٻطرفي لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪيو جنهن مسلمان دنيا ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.