اسلام آب??د – 20 – ??وم??ر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته خصوصي ٻارن جو سمورين مشڪلاتن جي خلاف پنهنجي صلاحيتن کي ثابت ڪرڻ جو جذبو متاثر ڪندڙ آهي. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نگران وزيراعظم چيو ته ٻارن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي هن معذوري ۾ ورتل ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، آئون انهن جي ذهانت، سگهه ۽ سماجي شعبي ۾ مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جي خواهش سان دنگ رهجي ويس، انهن ٻارن جو سمورين مشڪلاتن جي خلاف پنهنجي صلاحيتن کي ثابت ڪرڻ جو جذبو متاثر ڪندڙ آهي.