اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ب??ن المذاهب هم آهنگي ۽ وچ اوڀر ۽ اس??ام?? ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين جي معاملن واري خصوصي نمائندي مولانا طاهر اشرفي م??اق??ت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب م??اق??ت ۾ وچ اوڀر جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. م??اق??ت ۾ غزه ۾ غاصب صيهوني فوج پاران معصوم فلسطينين تي جاري نسل ڪشي ۽ ظلمن جي ڀرپور لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي. م??اق??ت ۾ اتفاق ڪيو ويو ته عالمي قوتن کي فلسطينين تي جاري ظلم کي روڪڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. م??اق??ت ۾ نگران وزيراعظم ۽ مولانا طاهر اشرفي فلسطينين خاص طور تي غزه جي صورتحال جي حوالي سان تمام جلد ٿيندڙ اس??ام?? تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي اجلاس جي آجيان ڪئي. مولانا طاهر اشرفي ملڪ ۾ ب??ن المذاهب هم آهنگي جي فروغ لاءِ حڪومتي قدمن تي نگران وزيراعظم خراج تحسين پيش ڪيو. نگران وزيراعظم مولانا طاهر اشرفي جي ب??ن المذاهب هم آهنگي ۽ وچ اوڀر ۽ اس??ام?? ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي لاءِ ڪوششن کي ساراهيو.