اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريا?? واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته گئس جي قيمتن جا اثر ملڪي معيشت تي پڻ پون ٿا، سدائين عوامي مفاد کي ترجيح ڏني آهي، عوامي مفاد جي گهرج آهي ته گئس جي صورتحال کان عوام کي آگاهه ڪيو وڃي. اها ڳالهه هن تو??نائي واري نگران وفاقي وزير محمد علي سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعا?? واري نگران وفاقي وزير چيو ته گئس جي قيمتن ۾ اضافي جا مختلف سبب آهن جڏهن ته ملڪي معيشت تي پڻ گئس جي قيمتن جا اثر پون ٿا. هن چيو ته سردين ۾ گئس جو استعمال وڌي وڃي ٿو. اطلاعا?? واري نگران وفاقي وزير چيو ته سدائين عوامي مفاد کي ترجيح ڏني آهي، عوامي مفاد جي گهرج آهي ته گئس جي صورتحال کي واضح ڪيو وڃي. ان موقعي تي تو??نائي واري نگران وفاقي وزير محمد علي ميڊيا کي گئس جي قيمتن ۾ اضافي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني.