اسلام آباد – 19 – ??ڪٽ??بر (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ هر سال هڪ لک کان وڌيڪ عورتن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي سُڃاڻپ ٿئي ٿي، جن مان 35 هزار عورتن کي آخري مرحلي ۾ ان مرض جي خبر پوي ٿي ۽ اهي زندهه نه ٿيون رهي سگهن. ايوان ??در جي پريس ونگ موجب هو اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جي صحافين سان انٽريڪٽيو سيشن کي خطاب ڪري رهيو هو. خاتون اول بيگم ثمينه علوي پڻ ساڻس گڏ هئي. ??در ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسٽيج ون ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي سُڃاڻپ ۾ بيماري جي اسٽيج 3 ۽ اسٽيج 4 مرحلي جي مقابلي ۾ زندهه رهڻ جي شرح وڌيڪ آهي. هن علاج بدران احتياطي تدبيرن تي زور ڏنو ڇو ته حڪومت وٽ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي اسڪيننگ ۽ آنڪولوجي جي طريقيڪار سميت طبي علاج جي ناقابل برداشت خرچ لاءِ وسيلا گهٽ آهن. هن عورتن کي ان بابت تعليم ڏيڻ تي زور ڏنو ته اهي غيرمعمولي گلٽي ??و پتو لڳائڻ جي لاءِ ماهوار پاڻ معائنو ڪيئن ڪن ۽ فوري طبي مدد حاصل ڪرڻ ۾ هٻڪ محسوس نه ڪن. ??در ياد ڏياريو ته گذريل سال پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي ??ندس تجويز تي ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت 120 ملين ڪال ويٽنگ پيغام موڪليا هئا. ??در صحافين تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي لکڻين ۽ ٽيليويزن پروگرامن ۾ ان موضوع کي اجاگر ڪري ڇاتيءَ جي ڪينسر کان ڪئي سگهجي ٿو. ??در چيو ته آئون ۽ ثمينه علوي گذريل 5 سالن کان ايوان ??در جي پليٽ فارم تان ڇاتيءَ جي ڪينسر جي حوالي سان مسلسل آگاهي مهم هلائي رهيا آهيون. هن صحتمند ۽ متوازن معاش??ي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ حڪومتن ۾ تبديلين جي باوجود صحت ۽ تعليم بابت پاليسين ۾ تسلسل تي زور ڏنو. بيگم ثمينه علوي پنهنجي ٽيليويزن پروگرامن ۽ اخبارن ۾ ان موضوع کي موثر انداز ۾ اجاگر ڪرڻ تي ميڊيا کي ساراهيندي چيو ته ان مهم کي ??ڪٽ??بر جي مهيني تائين محدود نه رکيو وڃي ۽ ان کي سڄو سال جاري رکيو وڃي. هن خاندان جي مردن کي حساس بڻائڻ تي پڻ زور ڏنو ته جيئن اهي ان بيماري سان واڳيل ڏکن جو مداوو ڪري سگهن ۽ مناسب طبي سارسنڀال حاصل ڪرڻ ۾ عورتن جي مدد ڪن. سيشن ۾ دماغي صحت سميت ٻين صحت جي مسئلن بابت آگاهي جي اهميت تي پڻ روشني وڌي وئي. ??در علوي چيو ته تحقيق موجب ملڪ جي 24 سيڪڙو آبادي ذهني صحت جي مسئلن جو شڪار آهي جڏهن ته ان جي لاءِ رڳو 550 سائڪيٽسٽ ۽ 1200 سائيڪال??جس?? دستياب آهن. ??در ڊاڪٽر عارف علوي ۽ بيگم ثمينه علوي ڇاتيءَ جي ڪينسر ۽ دماغي صحت بابت قومي سطح جي ڪوششن بابت صحافين جي سوالن جا جواب پڻ ڏنا.