اسلام آباد – 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان اسلام آباد انڊسٽريل ايسوسيئيشن جي وفد محمد احمد جي سربراهي ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صدر ملڪي ترقي جي لاءِ واپاري سرگرمين ۽ روانگي واپار کي وڌيڪ وڌا??ڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪندي صدر چيو ته ملڪ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ سيڙپڪار?? ڪرڻ ۽ آءِ ٽي جي روانگي واپار وڌائڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي صدر کي ملڪي معيشت ۽ روانگي واپار ۾ اسلام آباد انڊسٽريل ايسوسيئيشن ج?? ڪردار با??ت آگاهه ڪيو. وفد صدر کي اسلام آب??د جي صنعتي شعبي کي درپيش مسئلن بابت پڻ بريفنگ ڏني. صدر ملڪي معيشت ۽ روانگي واپار ۾ اسلام آباد انڊسٽريل ايسوسيئيشن ج?? ڪردار کي ساراهيو.