اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين دوستي جي بي مثال رشتن ۾ ڳنڍيل آهن، چين ۽ پاڪستان سدابهار دوست ۽ مضبوط ڀائر آهن، پاڪ چين دوستي برقرار رهندي ۽ ان ۾ ڪا رڪاوٽ برداشت نه ڪئي ويندي، پاڪستان گڏيل ترقي ۽ خوشحالي جي حوالي سان صدر شڊي جن پنگ جي نظريي ۽ تصورن سان گڏ بيٺل آهي، سي پيڪ تحت پاڪستان ۾ بجلي، رستن جي انفراسٽرڪچر، پن بجلي ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ سميت مختلف شعبن ۾ 25 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري ٿي آهي. چ??ن جي نائب وز??ر هي لي فينگ جي سربراهي ۾ چ??ن جي اعليٰ سطحي وفد جي پاڪستان جي دوري جي موقعي تي وز??راعظم هائوس ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مفاهمت جي 6 دستاويزن ۽ ياداشتن تي صحيحن واري تقريب جي موقعي تي خطاب ڪندي وز??راعظم محمد شهباز شريف چيني وفد جي ڀرپور آجيان ڪندي چيو ته سي پيڪ جا 10 سال مڪمل ٿيڻ تي چ??ن جي اعليٰ سطح جي وفد جي پاڪستان جي دوري تي هو چ??ن جي قيادت جا ٿورائتا آهن. وز??راعظم چيو ته اڄ کان 10 سال اڳ ان وقت جي وز??راعظم محمد نواز شريف ۽ چ??ن جي صدر شي جن پنگ سي پيڪ تي صحيحون ڪيون هيون ته معاهدي تي صحيحن جي مَس خشڪ ٿيڻ کان اڳ ئي عملدرآمد شروع ٿيو. وز??راعظم چيو ته سي پيڪ تحت پاڪستان ۾ بجلي، رستن جي ڍانچي، پن بجلي ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ سميت مختلف شعبن ۾ 25 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري ٿي آهي. اڄ معاهدن ۽ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحن کانپوءِ اسان سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿيا آهيون جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ نئين ماڊل تحت اقتصادي تعاون کي وڌيڪ فروغ ملندو. وز??راعظم چيو ته ٻئي مرحلي ۾ بزنس ٽو بزنس حڪمت عملي تحت زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪئي ويندي. پاڪستان چ??ن جي معاونت سان چيني معيار موجب روانگي واپار کي يقيني بڻائيندو. وز??راعظم چيو ته هو چ??ن جي صدر شي جن پنگ جو ٿورائتو آهي ته هن پاڪستان سان عوامي رابطن ج?? فروغ لاءِ نائب وز??راعظم کي خصوصي ايلچي طور پاڪستان موڪليو آهي. چيني صدر دنيا کي ڏيکاريو آهي ته پاڪستان ۽ چين دوستي جي بي مثال رشتن ۾ ڳنڍيل آهن. چين ۽ پاڪستان سدابهار دوست ۽ مضبوط ڀائر آهن. پاڪ چين دوستي برقرار رهندي ۽ ان ۾ ڪا رڪاوٽ برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته پاڪستان گڏيل ترقي ۽ خوشحالي جي حوالي سان صدر شي جن پنگ جي نظريي ۽ تصورن سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته ايم ايل ون ۽ ڪراچي سرڪلر ريلوي اهم مصنوبا آهن ۽ اسان کي يقين آهي ته اهي منصوبا ڪاميابي سان مڪمل ٿيندا. وز??راعظم چيو ته قرباني سخت محنت ۽ ڪوششن سان پنهنجي پيرن تي بيهڻ چين ۽ چ??ن جي صدر شي جن پنگ جو ماڊل آهي. اسان باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي ويزن موجب ملڪ ۾ ترقي ۽ خوشحالي آڻڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکنداسين. ان کان اڳ وز??راعظم محمد شهباز شريف ۽ چ??ن جي نائب وز??راعظم هي لي فينگ پاڪستان ۽ چ??ن جي وچ ۾ 6 مفاهمت جي ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيحن واري تقريب جو مشاهدو ڪيو. منصوبابندي، ترقي ۽ خوصي قدمن واري وفاقي وز??ر پروفيسر احسن اقبال ۽ چ??ن جي سڌارن ۽ ترقي واري قومي ڪميشن جي وائيس چيئرمين سونگ ليان جوائنٽ ڪوآپريشن ڪميٽي آ?? سي پيڪ ۽ سي پيڪ فريم ورڪ ۾ اسپيشل ايڪسچينج آف مڪينزم جي معاهدن تي صحيحون ڪيون. قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري سيڪريٽري ظفر حسن ۽ پاڪستان ۾ چ??ن جي ناظم الامور فانگ چن سوائي چين کي ڳاڙهن مرچن جي برآمدات بابت دستاويز تي صحيحون ڪيون، اين ايڇ اي جي ميمبر پلانگن احسن امين ۽ پاڪستان ۾ چ??ن جي ناظم الامور فانگ چن سوائي قراقرم هاءِ وي ري الائنمنٽ فيز ٽو جي حتمي فزيبلٽي اسٽڊي جي ياداشت تي صحيحون ڪيون. ان کانسواءِ ٻنهي ملڪن انڊسٽريل ورڪر ايڪسچينج پروگرام ۽ ايم ايل ون منصوبي تي 21 هين ڪانفرنس جي فني ڪميٽي جي منٽس تي پڻ صحيحون ڪيون. ان موقعي تي پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب، ناڻي وارو وفاقي وز??ر سينيٽر اسحاق ڊار، منصوبابندي وارو وفاقي وز??ر احسن اقبال، وفاقي گهرو وز??ر راڻا ثناءُ الله، واپار وارو وفاقي وز??ر سيد نويد قمر، ريلوي وارو وفاقي وز??ر خواجه سعد رفيق، پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وز??ر حنا رباني کر، وز??راعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن کانسواءِ چيني وفد جا ميمبر پڻ شامل ??ئا. بعد ۾و زيراعظم چيني وفد جي مان ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو.