اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يو آهي ته پاڪستان برطانيا، جمهوريه ڪوريا ۽ ملاوي سان واپار، معيشت ۽ ثقافت جي شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. صدر اها ڳالهه پاڪستان ۾ برطانيا ۽ ملاوي جي نامزد هاءِ ڪمشنرز ۽ جمهوريه ڪوريا جي نامزد سفير سان ڳالهائيندي ڪئي جن پنهنجون سفارتي سندون صدر کي پيش ڪيون ۽ ايوان صدر ۾ ساڻس جدا جدا ملاقات ڪئي. پاڪستان ۾ برطانيا جي نامزد هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ سان ڳالهائيندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يو ته پاڪستان برطانيا سان پنهنجي پراڻي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو جيڪي تاريخي رابطن ۽ ??وا??ي پائيدار رابطن تي ٻڌل آهن. هن ??يو ته ٻنهي ملڪن کي گڏيل مفاد جي لاءِ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستانين جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ حصيداري کي پڻ ساراهيو. صدر ثقافتي رابطن ۽ ??وا??ي رابطن کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو۔ هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ٻئي حڪومتون وڌيڪ مضبوط ۽ ڊگهي مدي وارا لاڳاپا قائم ڪرڻ ۽ ان کي برقرار رکڻ جي لاءِ پرعزم آهن. هن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته دنيا ۾ اسلامو فوبيا جي واقعن جي روڪٿام ۽ حوصلا شڪني جي ضرورت آهي. جمهوريه ڪوريا جي نامزد سفير پارڪ ڪي جون سان ڳالهائيندي صدر ??يو ته پاڪستان ڪوريا سان پنهنجي گهڻ رخي لاڳاپن کي ت??ام گهڻي اهميت ڏي ٿو جنهن ۾ سياسي، اقتصادي، سائنسي، ثقافتي ۽ ??وا??ي رابطا شامل آهن. هن ??يو ته پاڪستان ۽ ڪوريا جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ٻطرفو واپار وڌائڻ جي زبردست صلاحيت موجود آهي. هن وڌيڪ ??يو ته پاڪستان ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ کليل آهي ۽ پنهنجي معيشت جي سمورن شعبن ۾ ڪوريا جي سيڙپڪاري جي آجيان ڪندو. ه?? ٻڌايو ته پاڪستان انتهائي پرڪشش ڪوهه پيمائي ۽ ٻڌمت جون مذهبي جايون رکندڙ ملڪ آهي ۽ هو ڪوريائي سياحن کي انهن جاين جو دورو ڪرڻ جي لاءِ ڀليڪار چوندو. پاڪستان ۾ ملاوي جي نامزد هاءِ ڪمشنر يونس عبدالڪريم سان ڳالهائيندي صدر ملاوي سان تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جي لاءِ پاڪستان کي اجاگر ڪيو جيڪي گڏيل مفادن، قدرن ۽ هدفن تي ٻڌل آهن. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، سياسي ۽ ثقافتي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر سفيرن کي انهن جي مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته اهي پاڪستان سان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.