اسلام آباد – 04 –جولاءِ (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف 7 جولاءِ تي تقدس ??رآ?? ڏهاڙو ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان ڏينهن سڄي م??ڪ ۾ احتجاج ڪيو ويندو. سوئيڊن واقعي تي قومي حڪمت عملي جوڙڻ جي لاءِ خميس ڏينهن پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو. ??زي??اعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??زي??اعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ اهم اجلاسٿيو. اجلاس ۾ سوئيڊن ۾ ??رآ?? ڪريم جي بي حرمتي جي معاملي تي غور ڪيو ويو. ??زي??اعظم 7 جولاءِ تي تقدس ??رآ?? ڏهاڙو ملهائڻ جو فيصلو ڪيو. جمعي ڏينهن 7 جولاءِ تي سوئيڊن واقعي جي خلاف سڄي م??ڪ ۾ احتجاج ٿيندو. ??زي??اعظم محمد شهباز شريف سمورين پارٽين سميت پوري قوم کي احتجاج ۾ شريڪ ٿيڻ جي اپيل ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته پوري قوم هڪ زبان ٿي شيطاني ذهنن کي پيغام ڏيندي، جمعي ڏينهن سڄي م??ڪ ۾ سوئيڊن واقعي جي مذمت ۾ احتجاجي ريليون ڪڍيون وڃن، ??زي??اعظم شهباز شريف خميس ڏينهن پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو آهي. ??زي??اعظم هدايت ??ئي ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ سوئيڊن واقعي تي قومي حڪمت عملي جوڙي وڃي، پارليامينٽ جي فورم تان قوم جي جذبن ۽ احساسن جي ڀرپور ترجماني ڪئي وڃي، ??زي??اعظم اها به هدايت ??ئي آهي ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ گڏيل قرارداد منظور ڪئي وڃي، ??زي??اعظم پاڪستان مسلم ليگ (ن) کي جمعي ڏينهن تقدس ??رآ?? ڏهاڙي ۾ ڀرپور شرڪت جي هدايت ??ئي آهي. ??زي??اعظم پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر جي حيثيت سان پارٽي کي سڄي م??ڪ ۾ احتجاجي ريليون ڪڍڻ جي پڻ هدايت ??ئي آهي. ??زي??اعظم شهباز شريف اجلاس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ??رآ?? ڪريم جي عزت ۽ حرمت اسان جي ايمان جو حصو آهي، ان جي لاءِ اسان سڀ هڪ آهيون، گمراهه ذهن اسلامو فوبيا جي م??في رجحان کي پکيڙڻ جي ڪڌي ايجنڊا تي عمل پيرا آهن. هن چيو ته سڄي دنيا جون امن پسند، گڏيل بقاءَ تي گڏيل رکندڙ قومون ۽ قيادت اسلامو فوبيا جو شڪار ۽ مذهبي تعصب رکندڙ پرتشدد قوتن جو رستو روڪين، مذهب، مقدس هستين، عقيدن ۽ نظرين کي نشانو بڻائيندڙ پرتشدد ذهن دنيا جي امن جي لاءِ خطرو آهن، عالمي سطح تي پرامن، متوازن ۽ بين المذاهب هم آهنگي تي يقين رکندڙ قوتون گڏجي اهڙن رجحانن ۽ واقعن جي تدارڪ جي لاءِ ڪم ڪن.