اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ ايران جي ٻط??في سياسي مشاورت جو 12 هون دور تهران ۾ ٿيو. پرڏيهي ??فيس موجب پرڏيهي ??يڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان ۽ ايران جي نائب پرڏيهي وزير علي باغيري ڪني ٻنهي ملڪن جي قيادت ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي سفير رحيم حيات قريشي ۽ ٻنهي ??رفن جي ٻين اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. ڌرين ٻط??فن لاڳاپن جي سمورن رخن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ گذريل اجلاس جي فيصلن تي عملدرآمد جي صورتحال جو جائزو ورتو. ٻط??في واپار کي وڌائڻ ۽ توانائي، ٽرانسپورٽ رابطن، تعليم ۽ عوام سان عوام جي مٽاسٽا ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ڌرين علائقائي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ويجهي ??عاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏيل اقتصادي ڪميشن ۽ گڏيل واپاري ڪميٽي سميت مختلف اداراجاتي مڪينزم جي باقاعده اجلاس جي اهميت تي زور ڏنو. ڌرين گڏيل قومن، او آءِ سي ۽ اي سي او سميت گهڻ رخي فورمن تي تعاون جاري رکڻ ۽ گڏيل ڳڻتي جي عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه کي مضبوط بڻائڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي ??يڪريٽري ايران ۽ سعودي عرب جي و?? ۾ ??فارتي لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جي آجيان ڪئي. هن پنهنجي ايراني هم منصب کي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي صورتحال کان آگاهه ڪيو ۽ ڪشمير ڪاز جي لاءِ ايران جي ثابت قدم حمايت کي ساراهيو. پرڏيهي ??يڪريٽري پرڏيهي وزير حسين امير عبدالله سان ملاقات ڪئي. هن اعليٰ سطحي ٻط??في مٽاسٽا جي موجوده رفتار کي برقرار رکڻ ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل فائديمند تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. پارليامينٽ ميمبر/ پاڪستان – ايران پارلياماني فرينڊشپ گروپ جي چيئرمين احمد امير آبادي فرحاني سان جدا ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين پارلياماني مٽاسٽا کي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. پرڏيهي ??يڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان اڪنامڪ ڪوآپريشن آرگنائيزيشن (اي سي او) جي سيڪريٽري جنرل خسرو نوزيري سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ تنظيم جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن اي سي او جي ميمبر ملڪن جي و?? ۾ ??لائقائي رابطن ۽ واپاري فروغ جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪيو. تهران ۾ پرڏيهي ??يڪريٽري ناليواري ايراني ٿنڪ ٽينڪ انسٽيٽيوٽ آف پيس اينڊ انٽرنيشنل اسٽڊيز جي ايراني دانشورن ۽ اسڪالرز سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي جتي هنن خطي ۾ امن ۽ ترقي جي فروغ لاءِ پاڪستان جي ڪردار تي روشني وڌي.