اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي ٻن ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو، خاتون اول بيگم ثمينه ع??رف علوي پڻ صدر سان گ?? آهي، ايئرپورٽ تي بلوچستان جي گورنر ??لڪ عبدالولي ڪاڪڙ اعليٰ صوبائي عملدارن سان گڏ صدر جو استقبال ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر کي گورنر ??ائوس ڪوئيٽا اچڻ تي بلوچستان ڪانسٽيبلري جي دستي گارڊ آف آرنر ??يش ڪيو. بعد ۾ صدر بلوچستان جي گورنر سان ملاقات پڻ ڪئي، ملاقات ۾ صوبي جي مجموعي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر ٻن ڏينهن جي دوري دوران 34 هين نيشنل گيمز جي پڄاڻي واري تقريب ۾ شرڪت ڪندو. صدر گڊ گورننس جي فروغ ۾ محتسبن جي ڪردار تي سيمينار کي پڻ خطاب ڪندو.