اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان کان سوال ڪيو آهي ته جيڪڏهن جنرل با??وه آمريڪا کي توهان جي خلاف ڪيو هو ته پوءِ توهان آمريڪي سازش جي واويلا ڇو ڪئي ۽ سائفر ڇا هو؟ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته جيڪڏهن با??وه آمريڪا کي عمران خان جي خلاف ڪيو ته پوءِ امپورٽيڊ حڪومت ۽ عالمي سازش ڇا هئي؟ جيڪڏهن با??وه ۽ آءِ ايس آءِ ٻڌايو هو ته توهان جا مخالف چور آهن ته پوءِ توهان جا الزام ڇا هئا؟ جنرل توهان کي ۽ توهان 22 ڪروڙ عوام کي ٽرڪ جي بتيءَ جي پٺيان لڳائي رکيو هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان چار سال پنهنجي دماغ سان رڳو ??لڪ کي ڦريو باقي سڀ ٻين جي چوڻ تي ڪيو، توهان کي ڪڏهن آءِ ايس آءِ ٻين جي ڪرپشن جو ٻڌايو، ڪڏهن با??وه ٻڌايو توهان جا ثبوت ڪٿي آهن. وفاقي وزير سوال ڪيو ته ڇا با??وه پنهنجي توسيع جي لاءِ آمريڪا مان لابنگ ڪري رهيو هو ۽ توهان بند ڪمري ۾ ان کي تاحيات ايڪسٽينشن جي آفر ڪري رهيا هئا؟ با??وه هزار ڀيرا چيو هجي توهان اسيمبليون ڪنهن جي چوڻ تي ڇو ٽوڙيون؟ هن چيو ته قوم کي چار سال سمجهه ۾ نه آيو ??لڪ ۽ عوام کي توهان ڪهڙي طرح، ڪيئن ۽ ڪٿان ڪٿان ڦريو، عوام ۽ ??لڪ سان جيڪو ٿيو تاريخ ۾ ڪڏهن ڪنهن ??لڪ سان اهڙو ظلم ناهي ٿيو. هن چيو ته عمران خان پنهنجي چار سالن ۾ رڳو پنهنجي گهرواريءَ ۽ ان جي سهيلي فرح گوگي کي نوازيو، چار سال رڳو اٽو، کن??، بجلي، گئس مافيا کي نوازيو. هن چيو ته ”??لڪ ۾ مارشل لاء لڳائي ڇڏيو“ جو بيان فارن ف??ڊڊ فتني جي اصل نيت ۽ م??صد جو ثبوت آهي، توهان سازش ڪري پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي نمائندن جي توهين ڪئي.