اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آبادگارن کي في ايڪڙ لاڳت گهٽ ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، ملڪ ۾ يوريا جي وقت سر پيداوار ۽ ان جي آبادگارن ت??ئي?? پهچ يقيني بڻائي وڃي، يوريا اسمگلنگ سان ڪنهن کي آبادگارن جي حق تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندس، نيلم جهلم منصوب?? جي بحالي تي ڪم جي رفتار وڌيڪ تيز ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ يوريا ڀاڻ جي پيداوار ۽ کپت ۽ گرم?? جي موسم ۾ بجل?? جي لوڊشيڊنگ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، وفاقي وزيرن طارق بشير چيما، مخدوم سيد مرتضيٰ محمود، خرم دستگير خان، مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، خاص معاونين جهانزيب خان، طارق باجوه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ملڪ ۾ يوريا ڀاڻ جي پيداوار ۽ کپت جي انگن اکرن سان گڏوگڏ يوريا صنعت کي گئس جي فراهم?? جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم چيو ته گذريل هڪ سال ۾ حڪومت آبادگارن جي خوشحالي ۽ زراعت جي شعب?? جي ترقي کي پنهنجي اولين ترجيح بڻائي آهي، يوريا ڀاڻ جي طلب ۽ پهچ جي سخت نگراني ڪئي وڃي. هن هدايت ڪئي ته يوريا جي پيداوار ۽ ان جي کپت کي نظر ۾ رکندي صنعتن کي گئس جي فراهمي ۽ بفر اسٽاڪس جي هڪ جامع حڪمت عملي پيش ڪئي وڃي، ملڪ ۾ يوريا جي وقت سر پيداوار ۽ ان جي آبادگارن ت??ئي?? پهچ يقيني بڻائي وڃي، يوريا اسمگلنگ سان ڪنهن کي آبادگارن جي حق تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندس. اجلاس کي گرم?? جي موسم ۾ بجل?? جي پيداوار ۽ متوقع ط??ب جي حوالي سان پڻ تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. ان کانسواءِ اجلاس کي نيلم جهلم منصوب?? جي بحالي بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته منصوب?? جي بحالي جو ڪم مڪمل ڪري هلندڙ سا?? جولاءِ ۾ ان کان گهٽ لاڳت بجل?? جي پيداوار ٻيهر شروع ڪئي ويندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته نيلم جهلم منصوب?? جي بحالي تي ڪم جي رفتار وڌيڪ تيز ڪئي وڃي ۽ گرم?? جي موسم ۾ بجل?? جي لوڊشيڊنگ گهٽ کان گهٽ رکي وڃي.