لاهور – 03 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري مخدوم هائوس ماڊل ٽائون ۾ اڳو??ي گورنر ۽ پيپلزپارٽي ڏکڻ پنجاب جي صدر مخدوم احمد محمود سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزير مرتضيٰ محمود، قومي اسيمبلي ميمبر مصطفيٰ محمود ۽ عثمان محمود پڻ موجو هئا. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي مخدوم سيد احمد محمود ڏکڻ پنجاب جي سياسي ??ورتحال بابت ??ريفنگ ڏني جڏهن ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ مخدوم احمد محمود جي وچ ۾ چونڊن بابت ??ورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين سان پيپلزپارٽي اڳواڻ عرفان گرديزي ۽ پيپلزپارٽي ڏکڻ پنجاب جي چيف ڪوآرڊينيٽر عبدالقادر شاهين پڻ ملاقات ڪئي.