اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عم??ان خان جو اهو الزام دفن ٿي ويو آهي ته نگران حڪومت شفاف ۽ غيرجانبدار چونڊون نه ٿي ڪرائي سگهي، 2018ع ۾ اين اي 193 ۾ مسلم ليگ (ن) جو ڪو چونڊ اميدوار نه هو، گذريل ڏينهن پهريون ڀيرو ان تڪ مان 53 هزار ??وٽ حاصل ڪيا جنهن تي پنهنجي ووٽرز جا ٿورا مڃون ٿا ته انهن مسلم ليگ (ن) تي پنهنجي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اڃا اڳتي ڏسو ته ڇا ٿو ٿئي، گهڙيءَ چور فتنو کٽي و??ي ته فتح جو جشن ۽ هارائي و??ي ته اليڪشن ڪميشن ٻاهران ڌرڻو ۽ الزام. عم??ان خان جو اهو الزام دفن ٿي ويو آهي ته نگران حڪومت شفاف ۽ غيرجانبدار چونڊون نه ٿي ڪرائي سگهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اها وڏ?? ڪاميابي آهي جنهن جو عم??ان خان اعتراف ڪري ورتو آهي. هن چيو ته هڪ سيٽ جي ??وٽ سان عدالت تي دٻاءُ وجهندا، ڌمڪي ۽ گاريون ڏيندا؟ فيصلو توهان جي حق ۾ نه آيو ته عالمي سازش چيف جسٽس تائين پهچي ويندي. هن چيو ته عوام ملڪ ۾ انصاف چاهي ٿي، نظريه ??رورت نه.